حضرت عبدالقادر ’بيدل‘

حضرت عبدالقادر ’بيدل‘

حضرت عبدالقادر بيدل

حضرت عبدالقادر ’بيدل‘: تحقيق جي آئيني ۾ (ڪتاب): انجنيئر عبدالحسين موسويءَ جو هي تحقيقي ڪتاب ’ساهتي ادبي اڪيڊمي‘ نوابشاهه، 2011ع ۾ ڇپايو آهي. جنهن ۾ محقق حضرت ’بيدل‘ جي سوانح، تصنيفات، لاڳاپيل شخصيتن، ماڳن ۽ مڪانن ۽ سندن راڳين بابت سير حاصل معلومات ڏني آهي. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ ’بيدل‘ کي متعارف ڪرائيندڙ شخصيتن تي روشني وڌي وئي آهي ۽ ڪتاب جي آخر ۾ ضميمن طور نسب نامن جو وچور شامل ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه صفحن تي ڪتبن ۽ ماڳن جون رنگين تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن. 215 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب بنا وڌاءُ جي سنڌي ٻوليءَ ۾ انمول تاريخي تحفو آهي، پڪي جلد ۽ 4 رنگي ٽائيٽل واري هن خوبصورت ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو